شيخ محمد سنڌي

شيخ، محمد سنڌي: شيخ محمد سنڌي، مغل دور جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو شيخ عبدالله سنڌي هو، جيڪو سنڌ مان لڏي برهانپور ۾ شيخ محمد عارف جو مريد ٿيو. شيخ محمد، حديث، تفسير ۽ فقھ جا ڪتاب شيخ طاهر محمد سنڌيءَ وٽان مڪمل ڪري فضيلت ۽ دستار جو صاحب ٿيو. حڪمت، هيئت ۽ فلسفي جي تعليم حڪيم محمد عثمان بوبڪائيءَ وٽان حاصل ڪيائين. هن تصوف جي تعليم مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ وٽان حاصل ڪئي. حڪيم نياز همايوني ‘تاريخ '>سنڌ جي طبي تاريخ ’ ۾ لکيو آهي ته، “1011 هه ۾ قليچ خان سان گڏ شيخ محمد لاهور ۾ رهيو.
ان سان گڏ مختلف معرڪن ۾ وڙهيو. 1013هه ڌاري هڪ معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو